'عبدالمجيد سنڌي' جون تصويرون
 عبدالمجيد سنڌي جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو:

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو ڪتبخانو: هي ڪتبخانو ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ جو لاڙڪاڻي ۾ ذاتي ڪتبخانو آهي. هن ڪتبخاني ۾ پندرهن هزار کن ڪتاب موجود آهن، جن ۾ قديم ڇاپي ڪتاب، قلمي نسخا، ناياب ڪتاب ۽ ڪيترن ئي ناياب ڪتابن جا فوٽو اسٽيٽ، ناياب ڪتابچا، رسالا ۽ پمفليٽ شامل آهن. سال 1949ع کان ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجي.....


رڪ سنڌي

رڪ سنڌي: نامور صحافي ۽ ليکڪ رُڪ سنڌيءَ جو اصل نالو غلام اصغر ولد غلام جعفر منگي آهي. سندس جنم 5 آگسٽ 1961ع تي ڳوٺ حامد اڄڻ، تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان؛ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊياري مان؛ انٽر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊياري مان؛ بي. ايس. سي سنڌ يونيورسٽي .....


زيب سنڌي

زيب سنڌي: ناليواري ڪهاڻيڪار زيب سنڌيءَ جو اصل نالو محمد خان ولد عبدالستار شيخ آهي. هن 7 سيپٽمبر 1957ع تي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل لاڙڪاڻي جا آهن، ننڍپڻ ۽ جواني لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. پرائمري تعليم ديني مدرسي پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان بي. اي. سچل.....


ابوالحسن ڪبير سنڌي

ابوالحسن ڪبير سنڌي: محمد بن عبدالهادي ’ابوالحسن ڪبير سنڌي‘ سنڌ مان هجرت ڪري مديني شريف ۾ وڃي رهيو. مديني پاڪ ۾ ’الشفا‘ نالي مدرسو قائم ڪيائين. سندس ڪيترائي شاگرد مشهور ٿي گذريا آهن. محمد حيات سنڌي انهن مان وڌيڪ مشهور ٿيو. سندس لقب نورالدين ۽ ڪنيت ’ابوالحسن سنڌي‘ آهي. هن بزرگ جا حديث جي ڪتابن تي حاشي.....


تعليم الاسلام سنڌي

تعليم الاسلام (سنڌي): هيءُ ڪتاب اصل ۾ برصغير جي مشهور عالم مولانا مفتي ڪفايت الله دهلويءَ جو تصنيف ڪيل آهي، جنهن جو سنڌي ترجمو پروفيسر عبدالرحمٰن جتوئيءَ ۽ ڊاڪٽر گلزار احمد سومري ’عبدوي‘ ڪيو آهي، ڪتاب سال 2002ع ۾ ’منظور بوڪ اسٽور شڪارپور‘ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو. هيءُ ڪتاب چئن حصن تي مشتمل آهي، جن ۾ سوا.....


سانوڻ سنڌي

سانوڻ سنڌي: شاعر ’سانوڻ سنڌيءَ‘ جو اصل نالو به سانوڻ هو ۽ هُو مُکي کمون مل مينگهواڙ جي گهر ۾، 5 فبروري 1966ع تي، سيد محلي، ٽنڊي غلام عليءَ ۾ پيدا ٿيو. هن پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين پنهنجي شهر ۾ تعليم حاصل ڪئي. هاير سيڪنڊري اسڪول/ ڪاليج مان 1984ع ۾ انٽر ڪئي ۽ ان کانپوءِ بي. ايس. سي ۽ ايم اي سنڌيءَ جون.....


سڄڻ سنڌي

سڄڻ سنڌي: قومي گيت ڳائيندڙ نامياري راڳي، سڄڻ سنڌيءَ جو اصل نالو قربان علي ولد غلام رسول اعواڻ آهي. سندس جنم 17 جولاءِ 1952ع تي، موهن جي دڙي ويجهو ڏوڪري تعلقي، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ڳوٺ ۾ ٿيو. سڄڻ سنڌيءَ ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس) تائين تعليم حاصل ڪئي، کيس ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق هوندو هو. هن پهريون ڀيرو.....


سچل جو ڪلام سنڌي ڪافيون ۽ بيت

سچل جو ڪلام سنڌي ڪافيون ۽ بيت (ڪتاب): سچل سرمست جي سنڌي ڪافين ۽ بيتن تي مشتمل هيءُ ڪتاب، گل محمد تنيي ترتيب ڏنو آهي. رسالي ۾ الف- ب وار ترتيب سان ڪافيون ۽ بيت ڏنا ويا آهن. بيتن واري ڀاڱي ۾ سر آسا (پنج داستان)، سر گجري (ٽي داستان)، سر ڀيروي (چار داستان)، سر سهڻي (ڏهه داستان)، سر ڪوهياري (ڏهه داستان)،.....


سراج سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ

سراج: سنڌي ٻولي ۽ ادب جو اهڃاڻ (ڪتاب): نامور عالم ۽ لسانيات جي ماهر سراج ميمڻ جي وفات کانپوءِ اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيل مقالن، تاثرن ۽ ڪجهه لکايل مضمونن تي مشتمل هيءُ ڪتاب خالد چانڊيي جو ترتيب ڏنل آهي، جيڪو سرسوتي ساهت گهر، ڏوڪريءَ طرفان اپريل 2013ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ڪتاب جو انتساب اردو زبان جي نامياري ت.....


سرڪش سنڌي

سرڪش سنڌي: سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالمجيد ولد مولوي عبدالله چانڊيو هو، سندس جنم پهرين آڪٽوبر 1940ع تي ڳوٺ پلي پوٽا (سيتا وليج)، ضلعي دادوءَ ۾ ٿيو، سندس والد سنڌ جو ناليوارو جيد عالم ٿي گذريو آهي، جنهن جا ڪيترائي شاگرد نامور ديني عالمن ۾ شمار ٿين ٿا، جن ۾ علامه غلام م.....


سرمد سنڌي

سرمد سنڌي: سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ جو اصل نالو عبدالرحمان ولد حيات علي مغل هو.سندس جنم 7 مئي 1958ع تي ضلعي خيرپورميرس جي هڪ ننڍڙي شهر پريالوءِ ۾ ٿيو. سرمد سنڌي مئٽرڪ تائين تعليم پريالوءِ ۾ حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو. جتان 1980ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيا.....


 پوئتي   6   7   8   9  10  11   12   13   14   اڳتي